اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق

اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق: حضرت امام جعفر صادق رحه جو وڏو فرزند، اسماعيلي فرقي جو امام هو. 750ع ۾ مديني منوره ۾ وفات ڪيائين ۽ جنت البقيع ۾ دفن آهي. سندس قبر پهرين جنت البقيع کان ٻاهر هئي، پر جڏهن مديني شريف جي حرم کي وڌائڻ جو خيال ڪيو ويو ته سندس جسد کي جنت البقيع ۾ منتقل ڪيو ويو. روايت موجب عيني شاهدن جو چوڻ آهي ته سوين سال گذرڻ بعد سندس ڪفن (جيڪو اُن مان ٺهيل هو) جهڙو هو، اهڙوئي ثابت ۽ صاف پيل هو ۽ سندس قبر مان باقاعدي خوشبوءِ نڪري رهي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0750.00.00  عيسوي

حضرت امام جعفر صادق رحه 750ع ۾ مديني منوره ۾ وفات ڪئي.



مذهب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٽوٽم
ثنويت
ذاڪر
آنگاس
پِڙائي خوجا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
را ديوتا
رُدرا
ذڪري
آتش پرستي
مذهب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون